گهوٽڪي (ن س )سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ مٽي جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ مختلف حادثن دوران نينگريءَ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا آهن. گهوٽڪي ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ تيز هوا ۽ طوفان سبب مختلف حادثن ۾ هڪ نينگري فوت ٿي وئي ۽ 60 ماڻهو زخمي ٿيا. ٻئي طرف، ڪشمور ۾ تيز هوا جي ڪري پيش آيل مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا. راجن پور ۾ وڻ، سائن بورڊ، بجلي جا ٿنڀا ۽ تارون ٽٽي پيون، جنهن ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. جڏهن ته دادو جي علائقي گورخ هل اسٽيشن تي به طوفان سبب ڪوٺڙين جون ڇتون اڏامي ويون. اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي موجب، شديد طوفان سبب وڻ، سولر پليٽون ۽ ديوارون ڪرڻ جي ڪري تحصيل اسپتال اوباڙو ۾ 50 زخمين کي آندو ويو آهي، جڏهن ته هڪ نينگري فوت ٿي وئي. ان کان علاوه ڏهرڪي اسپتال ۾ پڻ 5 زخمين کي منتقل ڪيو ويو. سنڌ ۽ پنجاب جي ٻين به ڪجهه شهرن ۾ مٽي جو شديد طوفان آيو آهي.










