گهوٽڪي ڦاٽڪ وٽ نامعلوم هٿياربندن هٿان 2 نوجوان قتل

گهوٽڪي ڦاٽڪ وٽ نامعلوم هٿياربندن هٿان 2 نوجوان قتل

اوٻاوڙ (رپورٽ غلام علي رند) گهوٽڪي جي ريلوي ڦاٽڪ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري خانپور مهر واسي گبول برادري جي ٻن نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي .مارجي ويل نوجوانن جي سڃاڻپ 30 سالن جو اسلام گبول ۽ ٻئي جي سڃاڻپ 25 سالن جي بچل گبول طور ٿي آهي جيڪي سومر موري جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. ٻنهي نوجوانن جا لاش پوليس کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. پوليس اهلڪارن جو چوڻ هو ته ٻيئي نوجوان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي اچي رهيا هئا ته ريلوي ڦاٽڪ وٽ پٺيان ايندڙ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو پر شڪ آهي ته خانداني دشمني سبب واقعو پيش آيو آهي پر پوليس جانچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو