گهوٽڪي  ضلعي جي چونڊيل عهديدارن قسم کڻي ورتو

گهوٽڪي ضلعي جي چونڊيل عهديدارن قسم کڻي ورتو

گهوٽڪي(ن س)ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس ميرپور ماٿيلو ۾ ضلع ڪائونسل ۽ ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري. ڊپٽي ڪمشنر عهديدارن کي حلف کڻايو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس ميرپور ماٿيلو ۾ ضلع ڪائونسل گهوٽڪي ۽ ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي چونڊيل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي حلف برداري تقريب ٿي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد عثمان عبدﷲ ضلع ڪائونسل جي چيئرمين بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين بابر خان لنڊ سميت ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي چيئرمين شهباز خان لنڊ ۽ وائيس چيئرمين خالد مغل کي حلف کڻايو. تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي محمد بخش خان مهر، ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ، صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاه ۽ عبدالباري خان پتافي سميت فياض خان لنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو