گهوٽڪي(ن س) ڪمند جي آبادگارن شگر ملز پاران پيش ڪيل 400 رپيا في مڻ جي قيمت کي رد ڪري ڇڏيو.سنڌ جي گهوٽڪي ضلعي جي اوبارو شهر ۾ ڪمند جي آبادگارن شگر ملز پاران 400 رپيا في مڻ جي قيمت مقرر ڪرڻ جي فيصلي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، چيو ته هي شرح مقرر ڪرڻ هارين جو معاشي قتل آهي. آبادگار اڳواڻ آفتاب مزاري چيو ته کنڊ 240 رپيا في ڪلو آهي جڏهن ته ڪمند 400 رپيا آهي، جيڪو آبادگار لاءِ معاشي نقصان آهي. ڪو به زميندار 400 رپين ۾ ڪمند نه وڪڻندو. ڊي اي پي، ڊيزل، يوريا ۽ کنڊ اڄ به مهانگي آهي. سجاول ضلعي ۾ ٽي شگر ملون اڃا تائين بند آهن ۽ ڪرشنگ شروع نه ٿيڻ سبب ڪمند جي آبادگارن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.










