گهوٽڪي،شر گينگ جي وڌيڪ 7 اشتهاري ڌاڙيل پاران  هٿيار ڦٽا

گهوٽڪي،شر گينگ جي وڌيڪ 7 اشتهاري ڌاڙيل پاران هٿيار ڦٽا

گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي ۾ سنڌ-پنجاب سرحدي علائقي رونٽِي ڪچي ۾ يرغمالين کي بچائڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران موجب، يرغمالين کي بچائڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن ۽ دٻاءُ جي ڪري شر گينگ جي 7 وڌيڪ اشتهاري ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا.ايس ايس پي گهوٽڪي چيو ته اشتهاري جوابدار قتل، قبائلي جهڳڙن ۽ ڦرلٽ جي ڪيسن ۾ گهربل هئا. هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن ۾ اصغر شر، عبداللطيف شر، مور شر، بدو شر، نالائي چاگو شر، شاهه بخش عرف شعبان شر ۽ ممتاز شر شامل آهن.انور کيتران جو چوڻ آهي ته 40 ڏينهن کان جاري آپريشن دوران، 75 کان وڌيڪ اشتهاري ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، جن ۾ انعامي ڌاڙيل به شامل آهن.ان دوران نجات مهراڻ آپريشن جي ڪري علي احمد عرف احمدو ناريجو، هڪ ڌاڙيل جنهن تي 5 ملين رپين جو انعام هو، نجات مهراڻ آپريشن جي ڪري خيرپور جي ٻيلن ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا. احمدو ناريجو 60 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو