گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال گهُٽا ڏئي قتل

گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال گهُٽا ڏئي قتل

سکر (ن س) سکر ڀرسان سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ليبر ڪالوني جي فليٽن اندر گھرو اڻبڻت تان مڙس زال کي گُهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب قريشي ڳوٺ جي رهواسي غلام شبير شيخ پنھنجي گھر واري پنج ٻارڙن جي ماءُ شبانه کي تشدد ڪري گھٽا ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي.
وارثن موجب ته ڪجھ مھينن کان زال مڙس اندر گھريلو معاملن تان اختلاف ھلندڙ ھئا جنهن کان پوءِ شبانه پنھنجي مڙس خلاف ٻه ڏينھن اڳ سائيٽ ايريا ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي ھئي ته منھنجي مڙس ڪمائي جو ذريعو ريڙھي وڪڻي ڇڏي آهي ۽ ھو ڪمائي به نٿو سڄو ڏينهن گهر ويٺو آهي.
شبانه پاران اين سي داخل ڪرائڻ کان پوءِ سندس مڙس غلام شبير شيخ پنھنجي گھر واري کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو آھي واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته قاتل مڙس جي گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو