ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس کي اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏيندي ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن کي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 15 کان وڌيڪ گم ٿيلن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.گم ٿيل شهرين جي وارثن، مومن آباد مان گم ٿيل شهري جي ماءُ ۽ وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.عدالت ۾ گم ٿيل ماڻهن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب فرمان الاهي ۽ محمد طحه پوليس کي گهربل هئا.عدالت ۾ ڏنل پنهنجي بيان ۾ مومن آباد مان گم ٿيل شهري جي ماءُ چيو ته مان 13 سالن کان عدالتن ۽ پوليس اسٽيشنن جا در کڙڪائي رهي آهيان، مون کي انصاف گهرجي، مان پنهنجو پٽ واپس چاهيان ٿي، جيڪڏهن منهنجو پٽ ڏوهاري آهي ته کيس بازياب ڪرايو وڃي. عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.ٻين گم ٿيلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته مظفر علي خان سرجاني ٽائون محمد عارف گم آهي.عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهري جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جا 25 اجلاس ٿي چڪا آهن پر شهري جو ڪو به پتو نه پيو.عدالت شهري جي بازيابي تي جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي کان شهري جي تازي سفري تاريخ حاصل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت محمد فيصل سميت ٻين شهرين جي بازيابي لاءِ به ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بعد ۾ عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










