گلگت جي 5 تڪن جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊ جو حڪم

گلگت جي 5 تڪن جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊ جو حڪم

گلگت(ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان اليڪشن ڪميشن پنج تڪن جا چونڊ نتيجا روڪيندي مخصوص پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز پريس ڪانفرنس دوران چيو ته سڀني تڪن جا فارم 47 مڪمل ٿي چڪا آهن، پر پنجن تڪن جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان ڪري انهن تڪن جا حتمي نتيجا ملتوي ڪيا ويا آهن. 15 جون تي ٻيهر پولنگ کان پوءِ لاڳاپيل تڪن جا فارم 47 ۽ فارم 48 جاري ڪيا ويندا.
هن ٻڌايو ته جي بي اي-8 جي 10 پولنگ اسٽيشنن، جي بي اي-13 استور جي هڪ پولنگ اسٽيشن، جي بي اي-15 ديامر ون جي هڪ پولنگ اسٽيشن، جي بي اي-16 ديامر ٽو جي 3 پولنگ اسٽيشنن ۽ جي بي اي-17 ديامر ٿري جي 11 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان جي نوٽيفڪيشن موجب، ٻيهر پولنگ وارن پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا شامل ٿيڻ کان پوءِ ئي حتمي نتيجو تيار ڪيو ويندو. ان وقت تائين پوسٽل بيلٽن کي کولڻ ۽ انهن جي ڳڻپ ڪرڻ تي پابندي لاڳو رهندي.
اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسرن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اهي حتمي نتيجا جاري نه ڪن، جيستائين ٻيهر پولنگ جو عمل مڪمل نه ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو