گلشن معمار ڌاڙي ۾ گهر جو ملازم ئي ملوث نڪتو

گلشن معمار ڌاڙي ۾ گهر جو ملازم ئي ملوث نڪتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلشن معمار ۾ ڦر جي واردات جو ڀانڊو ڦاٽي پيو. گهر ۾ ڌاڙي جي واردات ۾گهريلو ملازم ڊرائيور آصف ملوث نڪتو، جيڪو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته ڦورو عبيد، ڊرائيور آصف جو دوست هو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول ڊرائيور آصف کي ڪجهه مهينا اڳ ملازمت تي رکيو ويو هو. ڦر دوران عبيد ٻين ساٿين سان گڏ افطاري دوران گهر ۾ داخل ٿيو هو سڀني گهر ڀاتين جا هٿ رسين سان ٻڌي سامان سميٽي رهيا هئا. ان دوران ٻارڙي حاضر دماعي جو مظاهرو ڪندي ڏند سان ٻڌل هٿ کوليا جنهن بعد هن پنهنجي امڙ جا هٿ به کوليا. سندس امڙ پوليس کي فون ڪئي ۽ پوليس پهتي ته مقابلي ۾ ڊرائيور آصف مارجي ويو ۽ سندس 2 ساٿي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا. ياد رهي ته هن گهر ۾ ڪو مرد ميمبر حيات ناهي رڳو عورتون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو