گلشن اقبال ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

گلشن اقبال ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، نينگري سميت ٻھ ڄڻا زخمي. تفصيل مطابق عام چونڊن لاءِ ووٽنگ شروع ٿيڻ کان ڪجهه ئي وقت اڳ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال جي علائقي حاجي ليمو ڳوٺ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.پوليس مطابق ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڇوڪري سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جي نوعيت فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي ايسٽ جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب جوابدار گرنيڊ کڻي ٻاهر وڃي رهيو هو ته دستي بم سندس هٿ ۾ئي ڦاٽي پيو. جيڪو پاڻ بھ مري ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو