پيداواري علائقن ۾ 5 ڪلوميٽر جي دائري ۾ گئس فراهمي منظور

پيداواري علائقن ۾ 5 ڪلوميٽر جي دائري ۾ گئس فراهمي منظور

اسلام آباد: (دنيا نيوز) اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو.اي سي سي جي بيان موجب، پيٽروليم ڊويزن لاءِ 13.1 ملين رپين جي ضمني گرانٽ منظور ڪئي وئي، گئس پيدا ڪندڙ علائقن جي 5 ڪلوميٽر ريڊيس اندر گئس جي فراهمي جي سمري منظور ڪئي وئي.ساڳئي طرح، 5 ڪلوميٽر ريڊيس اندر ڳوٺن کي گئس جي فراهمي لاءِ 3 ارب رپيا منظور ڪيا ويا، اسڪيمون سوئي ناردرن ۽ سدرن ذريعي لاڳو ڪيون وينديون، بي اي سي ايس استادن جي بقايا جي ادائيگي لاءِ 200 ملين رپيا منظور ڪيا ويا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدالتن جي هدايتن موجب گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي فرق کي ادا ڪيو ويندو، مون سون آپريشن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ انساني امداد لاءِ 3.5 ارب رپيا منظور ڪيا ويا، ۽ پاور ڊويزن جي ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ پروگرام لاءِ 1 ارب رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ منظور ڪئي وئي.اي سي سي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي شعبي ۾ پيداوار جي قيمت ۽ گردشي قرض کي گهٽائڻ لاءِ هڪ جامع سڌارا پيڪيج منظور ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، اطلاعات واري وزارت جي عوامي آگاهي مهم لاءِ 1.47 ارب رپيا منظور ڪيا ويا، ۽ اطلاعات واري وزارت کي هدايت ڪئي وئي ته باقي رقم لاءِ ايندڙ ٽه ماهي ۾ ٻيهر سمري جمع ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو