گئس لائين تي حملي جي رٿابندي ڪندڙ 8 خارجي مارجي ويا

گئس لائين تي حملي جي رٿابندي ڪندڙ 8 خارجي مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه جي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز سوئي ناردرن گئس ڪمپني جي پائپ لائن وڇائڻ واري ٽيم جي موقعي تي فائرنگ جي تبادلي ۾ 8 خارجين کي ماري ڇڏيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ سوئي ناردرن گئس ڪمپني جي پائپ لائن وڇائڻ واري ٽيم دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪئي، پائيپ لائين وڇائڻ واري ٽيم جي معلومات تي سيڪيورٽي فورسز ويجهي ٻيلي ۾ فتنه الخارج جي هڪ ڳجهي هنڌ تي ڇاپو هنيو ۽ سخت فائرنگ جي تبادلي ۾ 8 خارجين کي ماري ڇڏيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب خارجين جو هي فارميشن پائپ لائن وڇائڻ واري ٽيم تي حملو ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو