ڪڻڪ ورهاست پابنديون،ڪنڊي جو وزيراعظم کان مداخلت جي اپيل

ڪڻڪ ورهاست پابنديون،ڪنڊي جو وزيراعظم کان مداخلت جي اپيل

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم شهباز شريف کان ڪڻڪ جي عالمي ورهاست تي لڳايل غير آئيني پابندين جي خلاف مداخلت جي درخواست ڪئي آهي.سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهڙيون پابنديون نه صرف صوبي جي غذائي تحفظ کي متاثر ڪن ٿيون پر آئين ۾ لکيل مدد وفاق جي روح جي به ڀڃڪڙي آهي. هن يقين ظاهر ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اهو معاملو جلد حل ٿي ويندو. خيبرپختونخواهه جي گورنر وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن اماڻيل خط ايڪس تي به شيئر ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پابنديون سنگين ڳڻتي جو سبب آهن ڇو ته خيبرپختونخواهه ڪڻڪ جي حوالي سان ننڍي صوبي ۾ شامل ٿئي ٿو جيڪو پنهنجون غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ وڏي حد تائين ٻين صوبن مان ايندڙ ڪڻڪ تي ڀاڙيندو آهي. خط ۾ چيو ويو ته اهي پابنديون آئين جي آرٽيڪل 151 جي ڀڃڪڙي آهن جيڪي صوبن جي وچ ۾ ڪاروبار، واپار ۽ چرپر جي آزادي جي ضمانت نٿيون ڏين. فيصل ڪريم ڪنڊي خبردار ڪيو ته ڪڻڪ جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ مصنوعي کوٽ قيمتن ۾ اضافو عوامي پريشانين جو سبب بڻجي سگهي ٿو جنهن سان عوامي ناراضگي جنم وٺي سگهي ٿي. گورنر وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته اهو مهرباني ڪري فوري طور تي هن معاملي ۾ مداخلت ڪري ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون ڏئي ته پابنديون ختم ڪري خيبرپختونخواهه ۾ ڪڻڪ جي بنا رنڊڪ ۽ آئيني طور تي محفوظ ورهاست کي يقيني بنائي. گورنر آخر ۾ چيو ته مون کي يقين آهي ته اوهان جي اڳواڻي ۾ خيبرپختونخواهه جي عوام جي آئيني حقن جو موثر ۽ وقت تي تحفظ ڪيو ويندو. ياد رهي ته پنجاب حڪومت کي خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ طرفان انهي الزام تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي ته هن ٻنهي صوبن لاءِ ڪڻڪ جي ورهاست روڪي رکي آهي پر هڪ ڏينهن اڳ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري واضح ڪيو هو ته ڪڻڪ جي عالمي چرپر تي ڪابه پابندي ناهي ۽ انهي حوالي سان پکڙجندڙ پروپيگنڊه مهم بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو