ڪڻڪ جي ڪرپشن، 9 آفيسرن خلاف ريفرنس داخل

ڪڻڪ جي ڪرپشن، 9 آفيسرن خلاف ريفرنس داخل

سکر(بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ جي ڪرپشن ڪندڙن خلاف نيب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪري ورتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ سميت 9 ڄڻن خلاف 12 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪرڻ جا الزام، خبرموجب نيب سکر پاران خوراڪ کاتي سکر ۾سرڪاري ڪڻڪ جي ڪرپشن جي حوالي سان هڪ ريفرنس تيار ڪري احتساب عدالت سکر ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ سکر رفيق احمد راڄپر، اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ انيس الرحمان مهر، ڊي ايف سي اقبال ميمڻ، شهداد سانگھي سميت 9 ڄڻن سرڪاري ڪڻڪ ۾ 12 ڪروڙ روپين جون گھوٻيون هڻي ڪرپشن ڪئي آهي. عدالت ريفرنس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌرين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو