ڪلوئي( ن سنڌيار) ٿرپارڪر ضلعي جي بئراجي تعلقي ڪلوئي ۾ ڪڻڪ جو فصل تيار، ڪڻڪ خريداري مرڪز کلي نه سگهيا،سنڌ حڪومت پاران 467 خريداري مرڪز کولڻ ۽ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 2000 رپيه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عمل نه ٿي سگهيو، نه وري آبادگارن کي باردانو ملي سگهيو،آبادگارن پاران خريداري مرڪز کولي باردانو ڏيڻ جو مطالبو،ضلعي ٿر پارڪر جي بئراجي علائقن ۾ ڪڻڪ جو فصل تيار، سنڌ سرڪار پاران اعلانيل خريداري مرڪز کلي نه سگهيا، سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 2000 رپيه ڪرڻ ۽ سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 467 خريداري مرڪز کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تي عمل نه ٿي سگهيو،نه وري آبادگارن کي باردانو ملي سگهيو،خريداري مرڪز نه کلڻ سبب آبادگار ڪڻڪ جو فصل منڊي ۾ سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور، اناج منڊين ۾ 2000 رپيه بجاء ڪڻڪ 1600 سو رپين ۾ خريد ڪئي پئي وڃي، هتي جي واپارين پاران سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هتي ڪوبه سرڪاري مرڪز کلي نه سگهيو آهي نه وري اسان کي 2000 هزار رپين ۾ ڪڻڪ خريداري جو نوٽيفڪيشن ملي سگهيو آهي، ٻئي طرف آبادگارن چيو ته هتي جي معيشت کي هٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ آفيسر ۽ واپاري پاڻ ۾ مليل آهن، فوڊ کاتي جي نااهلي سبب آبادگارن کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، اسان کي فصل تيار ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جڏهن اسان جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته سرڪاري اگهه هاري ۽ آبادگار کي نٿو ملي، هتان جي آبادگارن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته خريداري مرڪز کولي باردانو ڏنو وڃي










