ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽيڪس اڳاڙيندڙ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ ڪُڻن ذريعي ڀرتيون ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ ڪُڻن ذريعي نوڪريون ڏيڻ خلاف عدنان سواتي، راحيل خان سميت 9 اميدوارن پاران داخل ڪيل درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي حڪومت، ايف بي آر جي چيئرمين، چيف ڪليڪٽر ڪسٽم ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مختلف اخبارن ۾ ڀرتين لاءِ 26 جولاءِ 2019ع تي اشتهار ڏنا ويا جنهن ۾ اميدوارن کان فزيڪل ٽيسٽ ورتي وئي پر بعد ۾ ڪُڻن ذريعي ڀرتيون ڪيون ويون. ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪڻن ذريعي ڀرتين لاءِ ڪو به قانون موجود ناهي.










