ڪچي ۾ آپريشن 3 ڌاڙيل مارجي ويا، 9 زخمي، اهلڪار آزاد

ڪچي ۾ آپريشن 3 ڌاڙيل مارجي ويا، 9 زخمي، اهلڪار آزاد

ڪشمور(ن س)سنڌ رينجرز ۽ پوليس ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ بدنام ڌاڙيل ڀيو گينگ خلاف ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي آزاد ڪرائي ورتو، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 اغوا ڪار ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا. رينجرز جي ترجمان ٻڌايو ته ڪشمور جي ڪچي ۾ اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي آزاد ڪرائڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪيو، ڪارروائي دوران ڌاڙيلن جو ٺڪاڻو تباهه ڪيو ويو. آپريشن دوران ڌاڙيلن پوليس تي فائرنگ ڪئي. ترجمان رينجرز موجب ڀنگ لاءِ اغوا ۾ ملوث خادم ڀيو گينگ پوليس اهلڪار کي ڊيوٽي دوران اغوا ڪيو هو، ڏوهارين جي گروپ اهلڪار جي ويڊيو ڀري سوشل ميديا تي وائرل ڪئي هئي. بدنام زمانه خادم ڀيو جنهن جي سر تي 10 لک روپيه انعام مقرر آهي، اهو به زخمي ٿيل ڌاڙيلن ۾ شامل آهي، ان کان علاوه واجد ڀيو، مالڪ جاگيراڻي سميت 9 ڏوهاري زخمي ٿيا آهن. واضع رهي ته سنڌ جي ڪچي ۾ روزانو شھرين کي هني ٽريپ ڪري اغوا ڪرڻ جون وارداتيون عام آهن، ڌاڙيل جا گروپ سادن ماڻهن کي عورتن ۽ سستين گاڏين سميت ڪاروباري لالچ ڏئي هرکائي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪندا آهن. ياد رهي ته جنوري 2025 ۾ ڪراچي مان سکر ويندڙ 3 نوجوانن کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو هو، مغوين جي گهر وارن چيو هو ته اغوا ڪارن رهائي جي بدلي 60 لک روپيا ڀنگ گهريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو