راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه ۾ 3 مختلف ڪاررواين ۾ 30 پرڏيهي دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 8 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ضلعي لڪي مروت ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 18 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 ٻيا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب ٻيو آپريشن ڳجهي اطلاع تي ڪرڪ ضلعي ۾ ڪيو ويو، جنهن دوران جوابي فائرنگ ۾ 8 پرڏيهي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي جي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فورسز خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ ٽيون آپريشن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ رِنگ ليڊر عزيز الرحمان، قاري اسماعيل ۽ خارجي مخلص شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 2 خاارجي هن حملي ۾ زخمي به ٿيا آهن. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم هئا ۽ معصوم شهرين کي به قتل ڪندا هئا. آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.










