اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پنهنجي پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو خيبرپختونخوا جي صوبائي اسيمبلي کان سواءِ سمورين اسيمبلين ۽ چونڊيل ادارن تان فوري طور استعفيٰ ڏئي ڇڏين.تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت اعليٰ ذريعي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته عمران خان خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي پارٽي جي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي، پر ان جي باوجود اتان جي حڪومت ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي استعفيٰ ڏيڻ کان ڇوٽ ڏني آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته اسيمبلين ۾ ويٺل تحريڪ انصاف جا ميمبر پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ اتي هنن پنهنجي عمل سان موجوده حڪمرانن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. اهي ماڻهو مون کي ڪا به سهولت ڏيارڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ ان ڳالهه جو ڪو به امڪان ناهي ته ڪنهن به حالت ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي ڪا رعايت ملي، جيڪو 9 مئي جي ڪيسن جي ڪري جيل ۾ بند آهي. پر پارٽي جي هڪ ٻئي ويجهي ۽ بااثر ذريعي هن ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو آهي ته عمران خان استعفيٰ ڏيڻ بابت ڪي به هدايتون جاري ناهن ڪيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته استعفيٰ واري پيغام تحريڪ انصاف جي صفن ۾ ڏڦيڙ (شگاف) پيدا ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جا 79 آزاد ميمبر، جن جي وڏي اڪثريت پنهنجي باني جي ان پيغام کي نظرانداز ڪرڻ تي زور ڏئي رهي آهي ۽ ان جي ابتڙ مشورو ڏئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل آزاد ميمبر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي قائمہ ڪميٽين ۾ واپس اچن ۽ انهن ڪميٽين کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪن. قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت جو چوڻ آهي ته ڪميٽين بابت فيصلو عمران خان ڪيو هو، جنهن هن وقت تائين ڪا نئين هدايت جاري ناهي ڪئي. پارٽي قيادت موجب، تحريڪ انصاف پنهنجي جدوجهد سان پنهنجي لاءِ جيڪا جاءِ پيدا ڪئي آهي، اسيمبلين تان استعفيٰ ڏيڻ سان اها به ختم ٿي ويندي.










