ڪي پي حڪومت جو وزيرن کان انٽرويو وٺڻ  جو فيصلو

ڪي پي حڪومت جو وزيرن کان انٽرويو وٺڻ جو فيصلو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت وزيرن جي ڪارڪردگي تي انٽرويو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اطلاعات کاتي جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي صوبائي وزيرن جا انٽرويوز ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪي پي حڪومت موجب شهري سڌي ريت پنهنجا مسئلا وزيرن تائين پهچائي سگهندا.انٽرويوز ۾ وزيرن کان سندن ڪارڪردگي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي جڏهن ته انٽرويو مهم جو نالو ”اسڪ منسٽر“ رکيو ويو آهي.آفيسرن موجب انٽرويو دوران شهري وزيرن کي پنهنجي علائقي جي مسئلن کان آگاهه ڪندا ۽ وزير شهرين جا مسئلا حل ڪندا.صوبائي حڪومت موجب عوامي مفاد ۾ وزيرن جا انٽرويو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت موجب انٽرويوز جو سلسلو جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو