ڪي اين شاهه ۾ ڪرنٽ ۽ ڏيپلو ۾ خودڪشي سبب 2 فوت

ڪي اين شاهه ۾ ڪرنٽ ۽ ڏيپلو ۾ خودڪشي سبب 2 فوت

ڏيپلو(رپورٽر) ڏيپلو جي ڳوٺ ويرھاڙ ۾ 18 سالا نوجوان ناري ستو ٻائي ڌيءَ آڏو مل ميگھواڙ گهر جي ويجهو جھنگ ۾ وڃي وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي ـ خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگھيو ـ جڏهن ته اطلاع تي ڏيپلو پوليس پھچي والدين کان بيان ورتا ـ والدين پاران لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان منع ڪرڻ تي پوليس واپس موٽي وئي****خيرپور ناٿن شاھ مان وفا معشوق علي کوکر موجب مير خان ٻٻر محلا جو رھواسي 17 سالن جو نوجوان غلام حسين پٽ تاج محمد گاڏھي جو پراسرار نموني گھر ٻاھران لاش هٿ آيو آهي. جنھن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ تعلقہ اسپتال خيرپور ناٿن شاھ پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم جي رپورٽ مطابق نوجوان جو موت بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻڌايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو