ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي گاڏي تي ريموٽ بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ليوي اهلڪارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب ڌماڪو تربت پريس ڪلب روڊ تي انهي وقت ٿيو جڏهن ڊپٽي ڪمشنر جو قافلو اتان کان گذري رهيو هو، ضلعي ڪيچ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي فراهمي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس ٻڌايو ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول جي ذريعي ڪيو ويو. پوليس اختيارين ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو، شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ بشير احمد بڙيچ ڌماڪي ۾ محفوظ رهيو.ايس ايس پي ڪيچ ڪيپٽن(ر) زوهيب محسن بلوچ ٻڌايو ته بارودي مواد موٽر سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو جنهن کي ريموٽ ڪنٽرول جي مدد سان اڏايو ويو. واقعي کان پوءِ پوليس ۽ ايف سي موقعي تي پهچي وئي، وڌيڪ جاچ جاري آهي ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ ميجر(ر) بشير محفوظ رهيو، زخمين کي ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.










