ٺٽو/ سجاول(نمائندن وٽان)سامونڊي طوفان بپرجوئي اڄ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن سان ٽڪرائبو ۽ طوفان جي ڪري ٺٽي جي ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. سمنڊ ۾ سخت ٻوڏ سبب موجون بندن سان ٽڪرائڻ لڳيون آهن. ٺٽو ۽ سجاول ۾ انتظاميا هاءِ الرٽ آهي ۽ طوفان سبب متاثر ٿيندڙ علائقن مان 73 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي سي ٺٽو موجب ڪيٽي بندر ۽ ان جي ڀرپاسي مان 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.هوڏانهن سجاول جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ تيز هوائن جو سلسلو جاري آهي. سجاول جي ڊپٽي ڪمشنر امتياز ابڙو موجب سجاول جي ساحلي علائقن جا 105 ڳوٺ 53 هزار ماڻهن تي مشتمل آهن، 53 هزار جي آبادي مان 22 هزار ماڻهو خطري هيٺ آهن.هن چيو ته ارلي وارننگ سسٽم تحت 6 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا، ضلعي انتظاميا 16 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي. ڊي سي سجاول جو چوڻ آهي ته رليف ڪيمپس ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.










