ڪيسن ۾ غلط جاچ ڪرڻ تي پوليس خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪيسن ۾ غلط جاچ ڪرڻ تي پوليس خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.عدالت ايس پي ۽ ايس ڊي پي او خلاف توهين عدالت جي فائل تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري ان حوالي سان حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت کان پڇاڻو ڪيو ويو ته لکت ۾ جواب ڏنو وڃي ته توهين عدالت جي باقاعده ڪارروائي ڇو نه شروع ڪئي وڃي ۽ توهان جي خلاف انضباطي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس آفيسرن کي 10 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت قتل ڪيس جي ٻڌڻي 4 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو