مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرئين مرحلي بابت سخت تحفظات هجڻ باوجود اسان ٻئي مرحلي ۾ حصو ورتو، پر وري به ساڳيو رويو اختيار ڪندي چوڌري لطيف اڪبر تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي هڪ ٻئي ڪارڪن جي شهيد ٿيڻ جو به اطلاع مليو آهي.
مظفرآباد ۾ چوڌري مجيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي قمر زمان ڪائره چيو ته جڏهن کان آزاد ڪشمير جون چونڊون شروع ٿيون آهن، تڏهن کان ڇڪتاڻ واري فضا قائم هئي ۽ امن امان جي صورتحال پڻ خراب رهي. هن چيو ته چونڊون ٽن مرحلن ۾ ڪرايون ويون، جيڪو طريقو اسان کي قبول نه هو، پر تحفظات باوجود اسان چونڊن ۾ حصو ورتو.
قمر زمان ڪائره چيو ته اسان جي بار بار نشاندهي ڪرڻ باوجود آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري لطيف اڪبر تي سندس تڪ ۾ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اطلاع مليو آهي ته اسان جو هڪ ڪارڪن پڻ شهيد ٿي ويو آهي.
هن الزام هنيو ته اڌ کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن تي چونڊ عملو صبح يارهين يا ساڍي يارهين وڳي پهتو. جڏهن عملو پهتو ته مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن کين پاڻ سان وٺي ويا ۽ مبينا طور بيلٽ پيپرن تي ٺپا هنيا. هن چيو ته ايل اي-28 ۾ بازل نقوي جي تڪ جي ٽن يونين ڪائونسلن تائين چونڊ سامان ئي نه پهچي سگهيو.
قمر زمان ڪائره وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته ايل اي-27 ۾ برساتن سبب چونڊون نه ٿي سگهيون. جيڪڏهن چونڊن جي انعقاد تي ئي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي ته پوءِ نئين حڪومت ڪيئن ڪم ڪندي؟ هن چيو ته هن وقت اسين رياست کي بچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پر اهڙين چونڊن مان ٺهندڙ حڪومت جي ساک ڪهڙي هوندي؟ آزاد ڪشمير جون هي چونڊون اسان کان کسيون ويون آهن.










