ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گذريل سال جنوري ۾ شروع ٿيندڙ ”ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14“ جو ستون گانو ”پيڇي هٽ“ رليز ڪيو ويو آهي. ”پيچي هٽ“ کي نوجوان گلوڪارن حسن رحيم ۽ جسٽن بيبيز منفرد انداز ۾ ڳايو آهي ۽ گاني جي رليز به شائقين کي ورهائي ڇڏيو. گيت جي شاعري حسن رحيم لکي آهي جڏهن ته ان کي پروڊيوسر ذوالفقار علي جبار عرف زلفي ۽ طلال قريشي پروڊيوس ڪيو آهي. گاني جا ٻول به طلال قريشي ۽ زلفي ترتيب ڏنا آهن جڏهن ته ڪجهه گيت طلال قريشي به لکيا آهن. ”پچي هٽ“ ۾ حسن رحيم سان گڏ مقتدر تابيدار ۽ ثانيه سهيل آواز جو جادو جاڳايو آهي.










