ڪوهيڙي سبب ملڪ جا اڪثر موٽر ويز بند،شهري مشڪلاتن جو شڪار

ڪوهيڙي سبب ملڪ جا اڪثر موٽر ويز بند،شهري مشڪلاتن جو شڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ڪيترائي موٽر ويز بند ڪيا ويا آهن. پشاور-اسلام آباد موٽر وي، لاهور کان شيخوپوره ۽ لاهور عبدالحڪيم موٽر وي فيض پور کان سمنڊ تائين بند آهن.موٽر وي پوليس موجب ڪوهيڙي سبب سيالڪوٽ-لاهور موٽر وي ۽ ملتان-سکر موٽر وي تي به بصريت متاثر ٿي آهي.موٽر وي پوليس شهرين کي احتياط سان گاڏي هلائڻ ۽ غير ضروري سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.هوڏانهن ڪراچي ۾ صبح جو گرمي پد 14 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 71 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هلڪي ڪوهيڙي سبب حد نگاہ 4 ڪلوميٽر آهي.ٻئي طرف دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ لاهور پهرين ۽ ڪراچي ٻئي نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو