راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ آپريشن دوران بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جا ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ تصديق ٿيل انٽيليجنس اطلاعن جي بنياد تي آپريشن ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب علائقي کي ڪليئرنگ دوران بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب ميجر جواد ۽ ڪيپٽن صغير مادر وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿيا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته امن جي دشمنن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، دشمن عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروايون بلوچستان جي امن ۽ خوشحالي کي تباهه نه ٿيون ڪري سگهن.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز پنهنجي جان جي قيمت تي به امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.










