اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيسن جو تعداد وڌيو ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا سين ۽ پي ڊي ايم لاڪ ڊائون جي ذميوار هوندي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي پشاور ۽ ملتان 200 سيڪڙو ڪراچي 148 سيڪڙو لاهور 114 سيڪڙو ۽ اسلام آباد 65 سيڪڙو ڪورونا وڌي وئي آهي. هن چيو ته دنيا جا اڪثر ملڪن مڪمل لاڪ ڊائون ڪئي آهي ۽ مان لاڪ ڊائون وارو قدم کڻڻ نٿو چاهيان ڇاڪاڻ ته اسان جي معيشت جنهن ۾ مضبوط بحالي جا نشان هن وقت تمام نمايان ۽ واضح آهن سي متاثر ٿيندا.هن چيو ته بدقسمتي سان اپوزيشن اين آر او حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. اپوزيشن اين آر او حاصل ڪرڻ جي لاء پنهنجن ناڪام ڪوششن ۾ عوام جي زندگين ۽ روزگار کي تباهه ڪري رهي آهي. جلسن ڪرڻ سان هنن کي ڪو به اين آر او نه ملندو.عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ پي ڊي ايم پنهنجي جلسن ڪرڻ جي ڪري ماڻهن جي جان۽ انهن جي معيشت کي خطرو پهچائي رهي آهي جيڪڏهن ڪيسن جي شرح وڌي ته اسان لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين ۽ ان جي زميوار پي ڊي ايم هوندي.










