ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ کان اڳ جون احتياطي تدبيرون

ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ کان اڳ جون احتياطي تدبيرون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ چين طرفان فراهم ڪيل ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جو عمل جاري آهي پر هن ويڪسين بابت ڪجهه ضروري ڄاڻ جي خبر هئڻ به عوام جي لاءِ ضروري آهي.چين پاران ڏنل هي ويڪسين ٻن خوراڪن تي ٻڌل اهي جيڪا 21 ڏينهن جي وقفي سان لڳندي آهي ۽ ان کي لڳائڻ کان اڳ انسان جو بلڊ پريشر ۽ شوگر ليول چيڪ ڪرڻ لازمي آهي.  ٻئي شيون نارمل هجڻ جي صورت ۾ ئي ويڪسين لڳائڻ جو مرحلو ايندو. هي ويڪسين 18 سالن کان ننڍي عمر جي ماڻهن لاءِ نه آهي جڏهن ته ڪنهن به قسم جي غيرامڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ويڪسين مرڪز ۾ ضروري اوزارن سان ليس ايمرجنسي ڪارنرز به قائم ڪيا ويا آهن.اختيارين موجب سائنوفارم ڪمپني جي هي ويڪسين 2 کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد تي رکي ويندي آهي. جڏهن ته آمريڪا ۽ روس سميت ٻين ملڪن جي ڪورونا ويڪسين کي رکڻ جي لاءِ منفي 20 کان منفي 70 ڊگري جو گرمي پد گهربل آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته هن ڪولڊ چين کي برقرار رکڻ پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ تمام گهڻو مشڪل آهي. شايد اهوئي سبب آهي ته حڪومت چين جي ويڪسين کي ترجيح ڏني آهي.صحت کاتي جي اختيارين موجب ايندڙ مرحلي ۾ اها ويڪسين ٻين سرڪاري ملازمن سميت عام ماڻهن جي لاءِ به دستياب هوندي پر ان ۾ ڪيترو وقت لڳندو ان باري ۾ اختياريون ڪجهه به ٻڌائڻ کان لاچار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو