ڪورونا سبب سکر ميونسپل جي نيلامي ملتوي

ڪورونا سبب سکر ميونسپل جي نيلامي ملتوي

سکر(رپورٽ: جئيرام داس)ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي وڏي نيلامي انتظاميا ڪورونا جو جواز ڄاڻائي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪندي 28 ڊسمبر کان ٻن مهينن تائين مرحليوار نيلامي جو اعلان ڪيو آهي. سکر ميونسپل  ڪارپوريشن پاران اڄ سومر ڏهاڙي کان اربع ڏهاڙي تائين ميونسپل جي 1990 ملڪيتن جي مسواڙ تي نئين سِري نيلامي کي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي، ان ڏس ۾ ميونسپل ڪمشنر پاران 28 ڊسمبر کان 17 فيبروري يعني ٻن مهينن تائين مرحليوار نيلامي جو نئون شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. “سنڌ يار ” سان ڳالهائيندي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ائڊمنسٽريٽر نثار احمد ميمڻ چيو ته  ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر  (اين سي او سي) جي هدايتن جي روشني ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آرڊر نمبر W.P 3383/2020 تحت سمورا ادارا  اين سي او سي جي ڪورونا بابت فيصلن تي عملدرآمد لاءِ پابند آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو