ڪورونا جي علاج لاءِ سورت رحمان ٻڌڻ گهرجي،نور بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اداڪاره ڀارتين کي ڪورونا جي علاج لاءِ سورته رحمان ٻڌڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪاره پوسٽ شيئر ڪندي ڀارتين جي نالي پيغام ڏنو. اداڪاره پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته اسان جون دعائون ڀارت جي لاءِ آهن. الله ڀارت تي رحم ڪري، منهنجي انڊيا سان تعلق رکندڙ پنهنجي سمورن مداحن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري ڪورونا جي علاج جي طور تي قاري عبدالباسط جي آواز ۾  ڏينهن ۾ 3 ڀيرا سورته الرحمان جي تلاوت ٻڌو.اداڪاره وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن ڪير به ڪورونا ۾ مبتلا آهي ته ان وٽ اها سورت رکي ڇڏيو. گهر ۾ رهو ۽ محفوظ رهو. ياد رهي ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي ۽ آڪسيجن جي کوٽ سبب ماڻهن جي فوتگين ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ڏک  جي هن گهڙي ۾ پاڪستاني فنڪارن سميت شهرين جو وڏو انگ به ڀارتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان جي لاءِ دعاگو آهي.ٻئي طرف ڀارت ۾ اڄ به ڪورونا وگهي وڌيڪ 3 لک 50 هزار ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 2 هزار 760 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو