اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ31 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 1هزار508 نوان ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا لاءِ 44هزار173 ٽيسٽ ڪيا ويا ، جن مان 1هزار508 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ ڪورونا سبب وڌيڪ 31 مريض فوت ٿي ويا.سرڪاري انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 11هزار833 وڌي وئي آهي ۽ ڪيسن جو ڪل انگ 5لک50هزار540 تائين پهچي ويو آهي ، جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 32هزار889 آهي.ان کان علاوه ، 24 ڪلاڪن ۾ ، سڄي ملڪ ۾ 1هزار772 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿياآهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 5لک58هزار 18 آهي سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک48هزار919 تي پهچي ويو آهي جڏهن ته 4هزار036 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک59هزار311 آهي ۽ 4هزار821 ماڻهو هن وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار840 آهي ۽فوتين جو تعداد 196 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 67هزار803 آهي ۽ 1هزار931 فوت ٿي چڪا آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 9هزار100 ماڻهو وائرس سان متاثر ٿيا آهن ۽ 269 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار912 ٿي ويو آهي ۽ 102 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 41هزار655 آهي ۽ هن وقت تائين 478 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










