ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)فاطمه جناح روڊ تي پوليس وين ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 25 زخمي ٿي پيا. سول اسپتال ڪوئيٽا جي ترجمان ڊاڪٽر وسيم بيگ ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 25 زخمي ٿيا آهن. جن مان 6 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. شهيد ٿيلن ۾ ڊي ايس پي جميل احمد سدوزئي به شامل آهي. پوليس وين جيئن ئي گذري ته ڌماڪو ٿيو. هن چيو ته زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پوليس فاطمه جناح روڊ ۽ ان جي چوڌاري گهيرو ڪري ان کي ٽريفڪ ۽ شهرين لاءِ بند ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪئي پئي وڃي. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو هڪ بيان ۾ واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته اسپتالن ۾ فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ اسپتال ۾ سمورن ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي.










