ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ نوجوان شاگرد جي بازيابي نه ٿيڻ تي انجمن تاجران جي سڏ تي شٽر ڊائون هڙتال ڪئي پئي وڃي.هڙتال سبب شهر ۾ دڪان ۽ مارڪيٽون بند آهن جڏهن ته ڪاروباري سرگرميون به معطل آهن.شاگرد جي بازيابي تي مختلف سياسي پارٽين به هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.نوجوان شاگرد مصور خان جي بازيابي لاءِ وارثن پاران اتحاد چوڪ تي ڌرڻو پڻ هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي ۽ شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.










