ڪوئيٽا )ويب ڊيسڪ)ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪوئيٽا ۽ بارکان ۾ ڪارروائين دوران 14 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪوئيٽا جي درخشان علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي ترجمان چيو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي تبادلي ۾ 3 اهلڪار به زخمي ٿيا.سي ٽي ڊي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي. دهشتگردن جو تعلق هڪ پابندي مڙهيل تنظيم سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف، سي ٽي ڊي بارکھان ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگرد تخريبڪاري جي سرگرمين ۾ ملوث هئا ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.










