ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير جي بين الصوبائي رابطا ۽ ڪوآپريٽو کاتي جي صلاحڪار احسان الرحمان مزاري جي نجي ٽي وي چينل جي صحافي سان ڳالهه ٻولهه. ملاقات ۾ سنڌ جي ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ ۾ نون قدمن تي عملدرآمد بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. احسان الرحمان مزاري ڳالهائيندي چيو ته ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت پاران شهرين جي سهولتن لاءِ ڪجهه نوان قدم کنيا پيا وڃن، جن تي جلد عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. احسان الرحمان مزاري اهو پڻ چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز بابت شهرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايتي سيل جي قيام تي به ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان کي باضابطه طور تي هن هفتي ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ سنڌ جي آفيس ۾ شروع ڪيو وڃي. جنهن ذريعي شهري سڌو سنئون ڪوآپريٽو سوسائٽين جي حوالي سان پنهنجون شڪايتون موڪلي سگهن ٿا ته جيئن سوسائٽين سان لاڳاپيل مسئلن تي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ڪمپلينٽ سيل تي شڪايت ڪال/ واٽس ايپ ذريعي سڌو سنئون ڪري سگھجن ٿا، جنهن جي نگراني مون سميت مختلف آفيسرن ڪندا. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار صحافين سان ڳالهائيندي اهو به چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽين جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. جنهن تي جلد عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. جنهن لاءِ پهرين مرحلي ۾ ڪراچي جي سمورن ڪوآپريٽو سوسائٽين جو رڪارڊ ڊجيٽل ڪيو ويندو بعد ۾ ٻين شهر جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائيزيشن طرف منتقل ڪندا. رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن سان فائلن جي منتقلي ۾ شفافيت ايندي ۽ ڊبلنگ، ڊپليڪيٽ، فائلن سميت شهرين کي درپيش ٻيون شڪايتون به ختم ٿي وينديون. وڌيڪ قدمن جي تفصيلي ڄاڻ بشمول شڪايتي سيل ۽ سوسائيٽي بابت شڪايتن لاءِ نمبر جلد پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي عوام سان شيئر ڪيا ويندا. احسان الرحمان مزاري وڌيڪ چيو ته مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۾ عوام کي درپيش مسئلن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، جنهن لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.










