ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌ ڪوٽ دراني مھر ۾ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تي ٿيل جيھڙي ۾ قتل ٿيل ٻن حنيف ڀيو مرتضي ڀيو جا لاش جھولي لال باء پاس تي مقتولين جي وارثن ۽ ڀيا برادري جي ماڻھن سيف الله ڀيو وڪيل انيس ڀيو عبدالمالڪ ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو ھڻي سنڌ کان انھي روٽ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطاريون لڳي ويو احتجاج ڪندڙ مقتولين جي واراثن چيو ته ڏوھارين اسان جي مٿان حملو ڪري ٻن کي قتل ڏھ کان وڌيڪ زخمي ڪري ويا پر پوليس ھڪ قاتل کي به گرفتار نه ڪيو آهي نه پوليس ڏوھارين جي گھرن تائين وئي آهي ڏوھارين تر تپائي ڇڏيو آهي ھر ڪنهن کان ڀتو ۽ منٿلي وٺن ٿااسين شريف ڳوٺاڻا آيون ناحق اسان جي ماڻھن کي قتل ڪيو ويو آهي اسان جو پوليس مان ھي اميد آهي پر پوليس ڪجھ ڪرڻ لاء تيار نه آهي جنهن ڪري اسين ڌرڻو لڳايو آهي ٽي ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رھڻ بعد ڊي ايس پي سيد اصغر علي شاھ ڌرڻي ۾ پھچي ڪري قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو.










