ڪنڌڪوٽ مان ٻن ڀائرن سميت  9 ڄڻا اغوا ٿيڻ جا اطلاع

ڪنڌڪوٽ مان ٻن ڀائرن سميت 9 ڄڻا اغوا ٿيڻ جا اطلاع

ڪنڌڪوٽ (ن س) ڪنڌڪوٽ لڳ رات دير سان ٻه سڳا ڀائر اغوا، ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اختيار نوناري لاڙي وٽان ھٿياربندن ھٿان ھوٽل تان مزدوري ڪري واپس گھر ڏانهن ايندڙ 2 سڳا ڀائر عبدالصمد ملڪ ۽ شھباز علي ملڪ اغوا، ٻئي مغوي ڪنڌڪوٽ شھر جي ممتاز آباد پاڙي جا رھواسي آهن جيڪي ھوٽل تان پورھيو ڪري گھر اچي رھيا ھيا ته ھٿياربند کين اغوا ڪري ويا ـ وارثن بي سيڪشن پوليس کي ٻنهي ڄڻن جي اغوا جو اطلاع ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن ضلع ڪشمور ۾ هڪ ئي رات اندر مختلف علائقن مان 9 ڄڻن جي اغوا ٿيڻ جا اطلاع آهن، جمال جي حد اندر 4 چئن ڄڻن ۽ غوثپور مان ٻن ڄڻن سميت 9 نو ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن، اڄ صبح مغوين جي بازيابي لاء بهلڪاڻي برادري پاران غوثپور وٽ انڊس هاء وي بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي مغوين جي بازيابي لاء احتجاج پڻ ڪيو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو