ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): ميئر ڪراچي، بئرسٽر مرتضيٰ وھاب، شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي عملدرآمد ۽ مڪمل ٿيڻ ۾ غير ضروري دير تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي ڪيترن ئي ٺيڪن کي فوري طور منسوخ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ ھن گڏوگڏ ريپڊ ريسپانس ٽيمون قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، جيڪي شهر ڀر ۾ ايمرجنسي بحالي ۽ روڊن جي مرمتي ڪم کي تيز بنيادن تي مڪمل ڪنديون۔بلديه عظميٰ ڪراچي (KMC) جي هيڊ آفيس ۾ ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ 637 جاري ترقياتي منصوبن جي پيش رفت جو جائزو ورتو ويو۔ ھي منصوبا مختلف فنڊن تحت هلن پيا، جن ۾ ضلعي ADP، صوبي جو ADP، ايمرجنسي ورڪس، اسپيشل اسڪيمون ۽ CLICK فنڊڊ پروجيڪٽس شامل آهن۔اجلاس دوران سينيئر ڊائريڪٽر انجنيئرنگ، جنيد الله خان ضلعي وار ڪم جي تفصيل پيش ڪئي۔ هن ٻڌايو ته صوبي جي ADP تحت 118 نيون اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن، جن مان ضلعي اوڀر ۾ 11، ضلعي مرڪز ۾ 28، ضلعي اولهه ۾ 21، ضلعي ڪورنگي ۾ 20 ۽ الڪٽرڪَل ۽ ميڪيڪل (E&M) ونگ تحت 14 اسڪيمون شامل آهن، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي منصوبا خاص فنڊنگ ذريعن تحت جاري آهن۔چيف انجنيئر وڌيڪ ٻڌايو ته E&M ڊپارٽمينٽ جي سولرائيزيشن پروجيڪٽ تحت ٻن رستن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته شاهراهِ فيصل کي ايندڙ ڏينهن ۾ سولر لائيٽن سان منور ڪيو ويندو۔ميئر مرتضيٰ وھاب ڪم ۾ سستي ۽ لاپرواهي تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته:”اها ڳالهه ناقابلِ قبول آهي ته ڪجهه منصوبن تي ايوارڊ ليٽر جاري ٿيڻ باوجود ڪم شروع ئي نه ٿيو آهي، ۽ ڪجهه منصوبا مقرر وقت کان گهڻو دير سان اڌورا پيا آهن۔”ھن وڌيڪ چيو ته: اها صورتحال شهر لاءِ شرمناڪ ۽ شهرين سان ناانصافي آهي۔ فنڊ موجود آهن، پر نااهلي ۽ غفلت سبب ڪراچي واسين کي وقت سر رليف نه ملي رهيو آهي۔ اهڙن ٺيڪيدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جن ۾ فوري ٺيڪن جي منسوخي ۽ بليڪ لسٽ ڪرڻ شامل آهي۔”ميونسپل ڪمشنر KMC ايس. ايم. افضل زيدي (PAS) اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ايمرجنسي ڪم جي دائري کي وڌايو ويو آهي ۽ KMC جي پنهنجن فنڊن مان هڪ ارب رپيا جي نئين گرانٽ منظور ڪئي وئي آهي۔ هن چيو ته شهر جي ڍانچي جي بحالي ۽ شڪايتن جي تڪڙي حل لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا ويندا۔ميئر ڪراچي هدايت ڪئي ته سڀني ضلعن ۾ ريپڊ ريسپانس ٽيمون فوري طور تي قائم ڪيون وڃن، جيڪي چوويهه ڪلاڪ روڊن جي مرمت، گڙهن جي ڀرائي ۽ ايمرجنسي بحالي جا ڪم جاري رکنديون، جيئن ٽريفڪ جي رواني بحال رهي ۽ شهرين کي سهولت ملي۔ھن زور ڏيندي چيو ته:”انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کي ميدان ۾ موجود رهڻو پوندو، جيستائين صورتحال مڪمل طور تي معمول تي نه اچي۔”ميئر مرتضيٰ وھاب وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڀ زيرِتڪميل يا تقريباً مڪمل ٿيندڙ منصوبا 60 ڏينهن اندر مڪمل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ تاديبي ۽ معاهداتي ڪارروائي ڪئي ويندي۔اجلاس ۾ ميونسپل ڪمشنر KMC ايس. ايم. افضل زيدي، فنانشل ايڊوائزر گلزار ابڙو، سينيئر ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن براءِ ميئر اخلاق يوسفزئي، سينيئر ڊائريڪٽر انجنيئرنگ جنيد الله خان، ڊائريڪٽر ميڊيا دانيال سيال ۽ جي ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي۔










