ڪراچي (رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ايسٽ رحمت الله شيخ، ڊائريڪٽر ڊي ايم توقير عباس ۽ ڊائريڪٽر ايڊورٽائزنگ حماد اين ڊي خان ۽ ٻين سان گڏ سچل ڳوٺ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ڪيمپ جو دورو ڪيو. آغا خان ڪميونٽي ۽ يونيورسٽي اسپتال پاران ٻوڏ متاثرن ۾ خوراڪ ۽ ٻيون امدادي سامان ورهايو ويو.ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ ٻوڏ متاثرن کان ملاقات دوران انهن جا مسئلا معلوم ڪيا، جنهن تي ٻوڏ متاثرن کيس ٻڌايو ته انهن جو خيال رکيو پيو وڃي، کين کاڌي پيتي سميت گهربل شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ڪمشنر ايسٽ راجا طارق، ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ايسٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻين جو شڪريو ادا ڪيو جن روزاني جي بنياد تي ضرورتن جو خيال رکيو ۽ خاص ڪري ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ايسٽ رحمت الله شيخ پاران فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي چيو ته سنڌ حڪومت هن ڏکئي وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن کي فوري طور تي ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ايسٽ رحمت الله شيخ ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي کي ڊي ايم سي ايسٽ پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ طبي سهولتن جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت آگاهي ڏني ۽ چيو ته ڊي ايم سي ايسٽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پهرين ڏينهن کان ڪوششون ڪري رهي آهي. هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپس جو قيام، سهولتن ۽ ضرورتن جو روزاني بنيادن تي جائزو ورتو وڃي ٿو، جنهن کي نظر ۾ رکندي عملي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ٿو.










