ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم کي خط لکي چيو آهي ته ڪليم امام کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تان هٽايو وڃي سنڌ ۾ آءِ جي پوليس جي بدلي جو معاملو وفاقي ڪابينا کي موڪليو ويو ۽ وفاقي ڪابينا جو آءِ جي بابت فيصلو 1993 جي معاهدي جي خلاف ورزي آهي. خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته هاڻي ته ڪليم امام سرعام سنڌ حڪومت جو مذاق اُڏائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ڪليم امام جو رويو سنڌ ۾ نفرتن جو سبب بڻجي رهيو آهي هو غير سنجيدگي ۽ غير مهذب رويو اختيار ڪندي صوبائي حڪومت جي توهين ڪري رهيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ خط ۾ صوبائي حڪومت جي پنج نالن مان ڪنهن به هڪ آفيسر کي آءِ جي مقرر ڪرڻ جو اصرار ڪندي چيو آهي ته توهان جي مشوري تي ئي آءِ جي پوليس جي تبديلي جو عمل شروع ڪيو ويو پر ان باوجود هڪ مهيني کان آءِ جي پوليس کي هٽائڻ جو معاملو التوا جو شڪار آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه ۾ آءِ جي فوري طور تبديل ڪيا ويا ۽ سنڌ ۾ گورنر کي آءِ جي پوليس لاءِ مشاورتي عمل ۾ شامل ڪرڻ غلط آهي. قاعدن مطابق گورنر جو آءِ جي پوليس جي تبديلي لاءِ ڪا به مشاورتي ڪردار ناهي. واضح رهي ته وزيراعليٰ سنڌ وزيراعظم عمران خان ڏانهن لکيل اهو ٽيون خط آهي. وزيراعظم ڪراچي دوري دوران وزيراعليٰ سان ملاقات ۾ هڪ نالي تي اتفاق واريون خبرون سامهون آيون هيون بعد ۾ وفاقي ڪابينا آءِ جي سنڌ جي مقرري جو معاملو وزير اعليٰ ۽ گورنر سنڌ جي حوالي ڪيو هو سنڌ حڪومت ڪابينا جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي گورنر سنڌ سان مشاورت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.










