بچت مهم تحت لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ختم

بچت مهم تحت لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ختم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري مهم تحت لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ مارڪيٽن، دڪانن، شاپنگ سينٽرن، هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ تي وقت سان لاڳاپيل پابنديون هٽائي ڇڏيون ويون آهن.سنڌ حڪومت جي ڪفايت شعاري پاليسي تحت گذريل مهيني جاري ڪيل نوٽيفڪيشن هٽائي ڇڏيو آهي.نئين نوٽيفڪيشن موجب، سڀئي دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال معمول مطابق ڪم ڪندا.ان کان اڳ، پنجاب ۾ رات 8 وڳي تائين ڪاروباري ڪلاڪن تي پابندي 1 جون تائين ختم ڪئي وئي هئي.پنجاب حڪومت 1 جون تائين ڪاروباري ڪلاڪن ۾ نرمي ڪئي آهي، رات 8 وڳي تائين ڪاروباري ڪلاڪن تي پابندي هٽائي وئي آهي، اهو فيصلو صوبي جي مارڪيٽن، شاپنگ مالز، هوٽلن، کاڌي پيتي جي دڪانن ۽ ريسٽورنٽ تي لاڳو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو