ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سميت پارٽي جي سينيئر اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪي سياسي صورتحال، تنظيمي معاملن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.ذريعن موجب، اجلاس ۾ هڪ اهم فيصلو ڪندي طئي ڪيو ويو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊ عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ پيپلز پارٽي جو هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪشمير موڪليو ويندو. ان وفد ۾ سنڌ جا صوبائي وزير ۽ پارٽي جا سينيئر اڳواڻ شامل هوندا، جيڪي اتي وڃي چونڊ سرگرمين ۽ انتظامن جو ويجهڙائي کان جائزو وٺندا. اجلاس کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ميرٽ، جمهوريت ۽ عوامي حقن جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هن پارٽي اڳواڻن ۽ وزيرن کي هدايت ڪئي ته هو عوامي رابطا مهم کي تيز ڪن ۽ پارٽي جي پيغام کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.










