اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف پرڏيهي ايجنڊا تي هلندڙ شرپسند عنصرن خلاف چٽو مؤقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير يا پاڪستان کي هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي.سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس (X) تي پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته آزاد ڄمو ۽ ڪشمير جي بحران بابت سندس ريمارڪس صاف گوئي ۽ ايمانداريءَ تي ٻڌل هئا، پر ڳجهي ۽ منفي ايجنڊا رکندڙ عنصر سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آڪٽوبر 1947ع ۾ هجرت ڪري پاڪستان ايندڙ ڪشميرين جون قربانيون تاريخ ۾ لکيل آهن، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي خلاف ڪشميري عوام گذريل 78 سالن کان قربانين، شهادتن ۽ قيد و بند جي هڪ ڊگهي جدوجهد ڪري رهيو آهي. دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ڪشمير ڪاز سان وابستگي جو ثبوت پنجن جنگين ۾ وهندڙ شهديدن جو رت ۽ گڏيل قومن (اقوام متحده) جي ٺهرائن موجب حقِ خوداراديت جي اصولي مؤقف ۾ موجود آهي. خواجه آصف چيو ته آزاد ڪشمير مان پاڪستان مخالف پرڏيهي ۽ منفي ايجنڊا کان متاثر آوازن جو سختيءَ سان جواب ڏنو وڃڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ”ڪشميريت“ جي سڃاڻپ پيدائشي سرٽيفڪيٽ نه، پر گذريل اٺن ڏهاڪن کان ڏنيون ويندڙ قربانيون ۽ جدوجهد آهن.










