اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ن ليگ جي دوستن لاءِ پيغام آهي ته توهان جي الٽي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي. بلاول ڀٽو هڪ وڊيو پيغام ۾ آزاد ڪشمير جي ضلعي باغ ۾ جلسي جو اعلان ڪندي چيو ته اهي صاف ۽ شفاف نه پر ڌاندلي واريون چونڊون هيون، ان سڀ جي باوجود عوام پيپلز پارٽي کي 9 انتخابي سيٽن تي ڪامياب ڪرايو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ميرپور ۽ مظفر آباد ۾ جيڪي سيٽون چوري ڪيون ويون اهي توهان کي واپس ڏياريندس، پيپلز پارٽي همت ناهي هاريندي، اسان پٺتي ناهيون هٽندا ۽ نہ ئي ميدان ڇڏيندا آهيون. ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمن به چيو هو ته 2024ع جي چونڊن جي ڌاندلي کي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ٻهرائيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي شرجيل ميمن چيو ته پنجاب ۽ وفاق ۾ فارم 47 جي حڪومت جي اها فارم 47 پلس ڪارروائي آهي، پيپلز پارٽي کي ٻوڙڻ (هارائڻ) لاءِ وفاق ۽ پنجاب حڪومت جي ڳنڍ ڳنڍڻي (گٺ جوڙ) هئي.










