مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ڪشمير جي حڪومت ۽ ڪشمير جي مستقبل جا فيصلا ڪشمير جو عوام پاڻ ڪري.بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي عوام جي حڪمراني جي حق (حقِ حاڪميت) جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته مان ڪشمير جي عوام کي اهي ئي حق ڏيارڻ چاهيان ٿو، جيڪي هر پاڪستاني شهري کي حاصل آهن. هن چيو ته انهن حقن ۾ سڀ کان پهريون حق، حقِ حاڪميت آهي. حقِ حاڪميت جو مطلب آهي ته توهان جو ووٽ، توهان جو فيصلو؛ توهان جنهن جي حق ۾ ووٽ وجهو، نتيجو به ان جي ئي حق ۾ اچي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي جن ادارن ۾ ڪشمير جي پاڻي، بجلي ۽ بجيٽ جا فيصلا ٿين ٿا، اتي ڪشمير جي پنهنجي ڪرسي ۽ پنهنجو آواز هجڻ گهرجي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته 2 آگسٽ تي حقِ حاڪميت لاءِ تير تي ٺپو هڻو، ڇاڪاڻ ته ڪشمير جو فيصلو ڪشمير ئي ڪندو.










