ڪشميري عوام جي صبر ۽ برداشت کي سلام پيش ڪريان ٿو

ڪشميري عوام جي صبر ۽ برداشت کي سلام پيش ڪريان ٿو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جمعيت علمائي اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪشمير ۾ احتجاج 2 مهينن کان جاري آهي، حڪومت طاقت جي ذريعي تحريڪ کي چٿڻ تي اصرار ڪندي رهي، مان ڪشميري عوام جي صبر ۽ برداشت کي سلام پيش ڪريان ٿو. مولانا فضل الرحمان پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشمير ۾ احتجاج 2 مهينن کان جاري آهي، 5 جون تي حالتون خراب ٿيون ۽ ڪميٽي ثالثي (وچٿريپ) جي درخواست ڪئي. فضل الرحمان چيو ته ڪميٽي مون تي اعتماد ڪيو، پر حڪومت ان کي ڪا اهميت نه ڏني. حڪومت طاقت جي زور تي تحريڪ کي دٻائڻ تي اصرار ڪندي رهي، ڪميٽي کي اپيل آهي ته اڃا وڌيڪ مهلت ڏئي ۽ ڪو وڏو قدم نه کڻي.جمعيت علمائي اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ڪشميري عوام جي صبر کي سلام پيش ڪريان ٿو، هي تحريڪ سڄي ڪشمير ۽ دنيا ۾ پکڙجي رهي آهي. رياستي ادارن کي گهرجي ته رت وهائڻ بدران صلح ۽ امن ڏانهن اچن.

پهنجو تبصرو موڪليو