ڪشمور (رپورٽ علي حسن سومرو ) ڪشمور نوجوان جو ڳلو ڪپيل حالت ۾ ملڻ وارو افسوسناڪ واقعو پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي ڪشمور ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي نوجوان جھانزيب جکراڻي کي مبينا طور تي هڪ هندو ناري ۽ هڪ هندو نوجوان گهرائي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي زخمي ڪري ڇڏيو اطلاعن موجب زخمي نوجوان جھانزيب جکراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فوري طور تي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو جتان طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو آهي واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ شواهد گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته متاثر خاندان انصاف جي گهر ڪئي آهي










