ڪشمور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، عورت سميت 3 قتل

ڪشمور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، عورت سميت 3 قتل

ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيدو ڪچي ۾ هٿياربندن جي گهر تي انڌاڌنڌ فائرنگ 2 ڄڻا ۽ هڪ عورت فوت گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيدو ڪچي ۾ هٿياربندن پاران هڪ گهر تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ميهار بنگوار غلام فريد بنگوار ۽ هڪ عورت موقعي تي ئي فوت ٿي ويا وااقعي جي اطلاع ملندي ئي گبلو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال روانو ڪري ڇڏيو پوليس موجب ابتدائي جاچ دوران قتل جو ڪارڻ بنگوار برادري اندر هلندڙ پراڻي ذاتي دشمني ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو